آسٽريليا ۾ پوليس مقابلو، 6 ڄڻا مارجي ويا

0
80

آسٽريلوي رياست ڪوئنزلينڊ جي هڪ علائقي وائمبيلا ۾ پوليس مقابلي ۾ 6 ماڻهو مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا

پرڏيهي خابرو اداري موجب پوليس کي هڪ پراپرٽي ۾ لاپتا ماڻهن جي موجودگي جو اطلاع مليو جنهن تي 4 پوليس آفيسر اتي پهتا ته هٿياربند ماڻهن ائرنگ ڪري ڏني

واقعي جو اطلاع ملڻ شرط پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ گهر جو گهيرو ڪيو

رپورٽس موجب فائرنگ ۾ عورت اهلڪار سميت 2 نوجوان پوليس آفيسر موقعي تي مارجي ويا جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا، فائرنگ ۾ 58 سالن جو پيرسن پاڙيسري به ٿڏي تي قتل ٿي ويو

پوليس ۽ هٿياربندن ۾ ڪيترائي ڪلاڪ ڇڪتاڻ جاري رهي جنهن ۾ هڪ حملو ڪندڙ عورت سميت ٽي هٿياربند جوابدار مارجي ويا

مارجي ويل پوليس آفيسرن جي سڃاڻپ 26 سالن جي ميٿيو آرنلڊ ۽ 29 سالن جي رشل مڪ ڪرو جي نالي سان ٿي جڏهن ته 58 سالن جو پاڙيسري ايلن ڊائر مارجي ويو

حملو ڪندڙ جوابدارن ۾ لاپتا اڳوڻو اسڪول جو پرنسپل 46 سالن جو ناٿانيل ٽرين، سندس ڀاءُ 47 سالن جو گارٿ ٽرين ۽ 45 سالن جي ڀاڄائي اسٽيسي گارٿ شامل هئا

آسٽريلوي وزيراعظم انٿوني البانيز ان واقعي کي شديد ڏکوئيندڙ قرار ڏئي جاچ جو حڪم ڏنو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here