پيپلزپارٽي جو ايم پي اي خان محمد ڏاهري قتل ڪيس مان بري

0
74

نوابشاهه: نوابشاهه جي عدالت پيپلزپارٽي جي ايم پي اي خان محمد ڏاهري کي قتل ڪيس مان آجو قرار ڏئي ڇڏيو، ايم پي اي خان محمد ڏاهري تي اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري جي ڀاڻيجي وجاهت ڏاهري کي قتل ڪرڻ جو الزام هو،

نوابشاهه جي عدالت عدالت ڪيس ۾ نامزد 7 ئي جوابدارن کي ثبوت نه ملڻ سبب ڪيس مان آجو قرار ڏنو.نوجوان وجاهت کي 18 آگسٽ 2020 ۾ شاهپور جهانيان ويجهو گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو، ڪيس مان آجي ٿيل جوابدار انجنيئر اويس ڏاهري جو چوڻ آهي ته اسان بي گناهه هئاسين، عدالت اسان سان انصاف ڪيو .

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here