سنڌ ۾ مليريا ۽ گيسٽرو ٻارڙن سميت وڌيڪ 9 ڄڻا فوت

0
109

سنڌ ۾ مليريا ۽ گيسٽرو ٻارڙن سميت وڌيڪ 9 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون، ٺل جي ڳوٺ رمضان جکراڻي واسي نينگر گيسٽرو وگهي دم ڏئي ڇڏيو، فريدآباد جي نياز ڪالوني ۾ گيسٽرو وگهي 6ورهين جو نينگر فوت ٿيو، دوداپور جي ميرالي پاڙي جي رهواسي 7 ورهين جي نينگري طاهرا به مليريا وگهي ساهه ڏئي ڇڏيو، جيڪب آباد ۾ به گيسٽرو ۽ مليريا وگهي وڌيڪ 2 ٻارڙا حياتيون وڃائي ويٺا، ڳوٺ دوست علي بنگلو واسڻ 40 ورهين جي وزيران چانڊيو به مليريا وگهي فوت ٿي وئي، گولاڙچي ڀرسان ڳوٺ حيات رند واسي ٻارڙو شعبان ۽ شاهجهان تيز بخار سبب موت جي منهن ۾ هليا ويا، لاڙڪاڻي جي ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل قمبر واسي ٻوڏ متاثر سعد الله چانڊيو مليريا وگهي دم ڏئي ڇڏيو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here