وزير آباد ۾ عمران خان جي ڪنٽينر ڀرسان فائرنگ، عمران خان، سينيٽر فيصل جاويد، ايم اين اي احمد چٺا سميت 9 ڄڻا زخمي

0
63

گجرانوالا جي علائقي وزير آباد ۾ عمران خان جي ڪنٽينر ڀرسان فائرنگ، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، سينيٽر فيصل جاويد، ايم اين اي احمد چٺا سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا، وزير آباد ۾ پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ قافلي ۾ جوابدار فائرنگ ڪري ڏني، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ڄنگهه ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، فائرنگ بعد ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، عمران خان کي سخت پهري هيٺان ڪنٽينر مان شوڪت خانم اسپتال منتقل ڪيو ويو، فيصل جاويد هڪ ڪارڪن جي مارجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، پي ٽي آءِ ڪارڪنن حملي آور کي سوگهو ڪري ورتو، پوليس گرفتار جوابدار سميت ٻن شڪي جوابدارن کي حراست ۾ وٺڻ بعد اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here