قائداعظم يونيورسٽي جي سنڌي شاگردن جي تنظيم مهراڻ اسٽوڊنس ڪائونسل جي اڳواڻن موجب جهيڙو بلوچ ۽ پشتون ڪائونسل ۾ ٿيو
شاگرد اڳواڻن موجب ٻارنهن سئو کان وڌيڪ سنڌي شاگرد شارٽ نوٽيس تي هاسٽلز ڪئين ٿا خالي ڪري سگهن؟ جڏهن ته شاگردن وٽ متبادل رهائش به ناهي
هنن چيو ته اسلام اباد پوليس سندن سامان اڇلائي ڇڏيو آهي ۽ مٿن تشدد ڪري ڪيئي شاگردن جون گرفتاريون ڪيون ويون آهن واضح رهي ته جهيڙي بعد انتظاميا يونيورسٽي اڻڄاتل مدي تائين بند ڪري هاسٽلز خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو