برساتن سبب سنڌ ۾ وڌيڪ نقصان ٿيو، سڄي سنڌ کي ٻوڏ سٽيل قرار ڏنو ويو آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته لاڙڪاڻي مان 80 هزار خاندانن لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، لڏپلاڻ ڪندڙن کي سهولتون فراهم ڪرڻ وڏو چئلينيج آهي، متاثرن کي ٽينٽ، اسڪولن ۽ ڪاليجن سميت سرڪاري عمارتن ۾ رهڻ لاءِ جاءِ ڏينداسين، عمران خان ڀلي جلسا ڪري، اسان ٻوڏ متاثرن جي سار لهنداسين