پاڪستان ۽ پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي اڻ اعلانيل مدي لاءِ جنگبندي ڪري ڇڏي

0
137

پاڪستان ۽ پابندي مڙهيل تنظيم پاڪستان تحريڪ طالبان وچ ۾ عارضي جنگبندي جو مدو 30 مئي تي ختم ٿي ويو هو، جنهن کانپوءِ هاڻي اڻ اعلانيل مدي لاءِ جنگبندي ڪئي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابل ۾ پاڪستاني وفد ۽ ٽي ٽي پي وچ ۾ ڳالهين بعد اڻڄاتل مُدي تائين جنگبندي ڪئي وئي آهي.ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ ڪالعدم ٽي ٽي پي وچ ۾ ڳالهين جو ٻيون دور جون مهيني ۾ ٿيندو.افغان طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته افغان سرڪار جي ٽياڪڙي سان پاڪستاني وفد ۽ ٽي ٽي پي ۾ ڳالهيون ٿيون هيون

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here