قومي اسيمبلي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قدمن خلاف قرارداد اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڀارتي قدمن خلاف قرارداد پيش ڪئي، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت غير قانوني طور تي ڪشمير جي حيثيت کي تبديل ڪيو، هُو ڀارتي قدمن جي سخت مذمت ڪن ٿا، ڀارت 5 آگسٽ کان والاريل ڪشمير ۾ ڌارين جي آبادڪاري شروع ڪئي، ڀارت جي پاڻمرادو جوڙيل ڪميشن کي پاڪستان رد ڪري ٿو.