حيدرآباد: مائي ڀاڳي جي پوٽي ۽ نامياري راڳي برڪت فقير جي پٽ جو لاش هٿ اچڻ واري مامري ۾ نيون ڳالهيون سامهون آيون آهن، ميڊيڪو ليگل شعبي پوسٽ مارٽم بعد مهر علي فقير جو لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيڪو ليگ شعبي جي ذريعن موجب نوجوان مهر علي پٽ برڪت فقير جو موت مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب ٿيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته نوجوان جي جسم تي تشدد جا نشان نظر نه آيا، شروعاتي رپورٽ سڀاڻي پوليس حوالي ڪئي ويندي.