آصف علي زرداري جي ڪوششن رنگ لاتو، حمزه شهباز هڪ ڀيرو ٻيهر پنجاب جو وڏو وزير چونڊجي ويو

0
70

آصف علي زرداري جي ڪوششن رنگ لاتو، حمزه شهباز هڪ ڀيرو ٻيهر پنجاب جو وڏو وزير چونڊجي ويو، سپريم ڪورٽ جي هدايتن تي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري جي صدارت هيٺ پنجاب اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، نئين وڏي وزير جي چونڊ لاءِ ووٽنگ ڪرائي وئي، چوڌري شجاعت حسين جي روڪڻ باوجود ق ليگ جي 10 ميمبرن به ووٽ ڪاسٽ ڪيو، تحريڪ انصاف جي وڏي وزير لاءِ اميدوار پرويز الاهي جي حق ۾ 186 ووٽ پيا، حمزا شهباز کي 179 ووٽ مليا، ڊپٽي اسپيڪر مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت جو خط پڙهندي ق ليگ جي 10 ووٽن کي رد ڪيو، ق ليگ جا ووٽ رد ٿيڻ بعد حمزا شهباز کي ٽن ووٽن جي سرسي حاصل ٿي وئي، ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري پنجاب اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here