سنڌ هاءِ ڪورٽ دعا زهريٰ جي بازيابي جي درخواست تي فيصلو محفوظ

0
123

سنڌ هاءِ ڪورٽ دعا زهريٰ کي ڪراچي منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، دعا زهريٰ جي بازيابي بابت سندس والدين جي درخواست تي فيصلو محفوظ، پوليس پاران دعا زهريٰ جي مڙس ظهير کي به عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو پُڇاڻو ڪيو ته ڇا دعا زهريٰ دارالامان ۾ آهي، جنهن تي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته دعا زهريٰ هن وقت لاهور جي شيلٽر هوم ۾ آهي، جسٽس اقبال ڪلهوڙو حڪم ڏنو ته دعا زهريٰ کي هر حال ۾ ڪراچي آڻڻ گهرجي، ڪراچي ۾ به شيلٽر هوم آهن، کيس ڪراچي ۾ ڪوبه خطرو نه هوندو، سنڌ حڪومت به دعا زهرا کي ڪراچي منتقل ڪرڻ جي حمايت ڪري ڇڏي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here