آصفه ڀُٽو زرداري ريڙهي کان ميوا خريد ڪري ڪارڪنن ۾ ورهايا

0
65

شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري چونڊ مهم جي ميدان ۾ لهي پئي، حيدرآباد پهچي وئي، پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن پاران شاندار آجيان، جيئي ڀٽو جي نعرن جي گونج، آصفه ڀٽو جي اڳواڻيءَ ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان ريلي ڪڍي ويئي، آصفه ڀُٽو زرداري وحدت ڪالونيءَ وٽ گاڏي مان لھي ريڙهي واري کان ميوا خريد ڪري ڪارڪنن ۾ ورهايا، سندس چوڻ آهي ته ھاڻي هر پاسي تير هلندو، چونڊن ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو ساٿ ڏيو، مڪاني چونڊن ۾ پ پ جي نامزد ڪيل اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرايو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here