ايف آءِ اي وزير اعظم شهباز شريف خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي پيروي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، وزير اعظم شهباز شريف ۽ ٻين خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي معاملي ۾ ايف آءِ اي عدالت ۾ پنهنجو موقف پيش ڪري ڇڏيو، اسپيشل جج اعجاز حسن اعواڻ ايف آءِ اي پراسيڪيوشن ٽيم جي درخواست کي ريڪارڊ جو حصو بڻائي ڇڏيو، ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر درخواست تي تحريري حڪم جاري ڪري ڇڏيو.