جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽ جمال مندوخيل نوٽس لکندي چيو آهي ته آرٽيڪل 184 ٽي تحت هي ڪيس ٻڌڻ جوڳو نه آهي، عدالت کي اهڙن معاملن ۾ پنهنجو 184 ٽي وارو اختيار استعمال نه ڪرڻ گهرجي
ٻنهي ججز اختلافي نوٽس ۾ چيو ته چونڊن تي لاهور هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏئي چڪي آهي، سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ ۾ التوا هيٺ معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس نه ٿي وٺي سگهي
هنن جو چوڻ هو ته پشاور ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ ٽن ڏينهن ۾ چونڊن جون درخواستون اڪلايون، جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس اطهر من الله جي اختلافي نوٽس سان اتفاق ڪيون ٿا اختلاف نوٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته چونڊن بابت پاڻمرادي نوٽيس جون درخواستون رد ڪيون وڃن ٿيون