”17 جولاءِ تي سياست جي تاريخ ۾ گهمسان جي جنگ ٿيندي،“ : شيخ رشيد

0
99

”17 جولاءِ تي سياست جي تاريخ ۾ گهمسان جي جنگ ٿيندي،“ عوامي ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ننڍيون چونڊيون ڪرائڻيون پونديون ته جيئن ماڻحن کي سياست جو رخ سمجهه ۾ اچي سگهي، نه تي ملڪ سري لنڪا بڻجي ويندا، هوائي، فضائي خلائي مداخلت ڪئي، جَهرلـُو ڦريو ته لاهور جي آبادي سري لنڪا کان وڌيڪ آهي، حالتن کي سري لنڪا ڏانهن نه کڻي وڃڻ گهرجي، ايندڙ 45 ڏينهن اهم آهن، چونڊون آڪٽوبر ۾ ئي ٿي وينديون، اڄ به هُو چوي ٿو ته شريف خاندان هڪ پيج تي ناهي، پي پي مزا وٺي رهي آهي، دفاع نه پئي ڪري، پاسپورٽ نواز شريف جي کيسي ۾ آهي پر هُو اچي نه ٿو سگهي، آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ بابت سوال تي شيخ رشيد چيو ته هُو اُن جو جواب نه ڏيندو ۽ خودڪش نه ٿو بڻجڻ چاهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here