سنڌ ڪابينا طرفان نون فيصلن جي منظوري

0
77

سنڌ ڪابينا طرفان 15 فيبروري کان ڪڻڪ جا خريداري مرڪز کولڻ، ڪراچي واٽر بورڊ جي چيئرمين شپ ميئر ڪراچي حوالي ڪرڻ، برسات متاٿرن کي گهرن لاءِ 3_3 لک روپيا ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

ڪابينا طرفان پوليس ۾ تازو ڀرتي ٿيل اهلڪارن جا ڊوميسائل چيڪ ڪرائڻ ۽ صحت کاتي جي نان پروموشنل پوسٽ وارن ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏيڻ سميت اهم فيصلن جي منظوري ڏني وئي.

وڏي وزير سيد مرادعلي شاھ جي صدارت هيٺ ٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪابينا ميمبرن، صوبائي صلاحڪارن،وڏي وزير جي خاص مددگارن،چيف سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.

سنڌ ڪابينا برسات ۽ ٻوڏ دوران مختلف کاتن پاران خرچ ڪيل 25 اربين جي فنڊز جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ڪابينا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سيڪريٽري جي پوسٽ گريڊ 19 ۽ ٻي گريڊ بي پي ايس 20هين گريڊ جي ڪري ڇڏي.

سنڌ ڪابينا ۾ حيدرآباد پريس ڪلب لا 11 ملين روپيا گرانٽ ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته حيدرآباد پريس ڪلب کي لطيف آباد ۾ 75 ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي هئي، ان ڪري زمين رجسٽريشن ۽ ٻين ڪمن لاء گرانٽ جي منظوري ڏني پئي وڃي.

سنڌ ڪابينا مختلف کاتن جو ريڪارڊ محفوظ بڻائڻ لاءِ وڏي وزير جي آرڪائيوز بابت خاص مددگار طارق حسن ۽ روينيو واري صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

سنڌ ڪابينا پلاننگ مينوئل تي غور ويچار ڪندي رٿائون مڪمل ٿيڻ سان ئي انهن جي ايس اين اي منظور ٿيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

وڏي وزير جو چوڻ هوته رٿائون مڪمل ٿي وڃن ٿيون پر ايس اين اي نه ٿي ٿئي ان ڪري انهن رٿائن جو فائدو نه ٿو ٿئي

سنڌ ڪابينا برسات سبب صوبي ۾  ترقياتي رٿائن جي رڪجي ويل ڪم ٻيهر جلد شروع ڪرڻ ۽ 243 رٿائن لاءِ 22 ڏهائي 255 ارب روپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪابينا پاران ريپڊ ريسپانس فورس کي پوري صوبي تائين وڌائڻ واري فيصلي جي منظوري ڏيڻ سان گڏ ڪرائوڊ مينيجمينٽ يونٽ قائم ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو

ڪابينا ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ ريزرو پوليس سنڌ هائوس جي سيڪيورٽي جا انتظام سنڀاليندي

سنڌ ڪابينا لوڪل گورنمينٽ ڪميشن صديق ميمڻ ۽ عبدالرحيم سومرو کي ٽيڪنيڪل ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

سنڌ ڪابينا سندس پوليس ۾ تازو ڀرتي ٿيندڙ اهلڪارن جا ڊوميسائل چيڪ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

وڏي وزير آئي جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته نون ڀرتي ٿيلن جا ڊوميسائل چيڪ ڪرايا وڃن هي نوڪريون رڳو مقامي ماڻهن لاءِ آهن، سندس چوڻ هوته اهلڪارن جا ڊوميسائل ڊي سيز وسيلي چيڪ ڪيا وڃن

سنڌ ڪابينا پشاور پوليس لائن ۾ بم ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي شهيدن جي وارثن  کي 10 لک ۽ زخمين کي پنج پنج لک رپيا ڏيڻ واري وڏي وزير جي اعلان کي ساراهيو ويو.

سنڌ ڪابينا طرفان صحت کاتي جي نان پروموشنل پوسٽ جي ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏيڻ جو فيصلو  ڪيو ويو، ڄاڻايل ٽائيم اسڪيل گريڊ هڪ کان 15 هي گريڊ جي ملازمن کي ڏنو ويندو

سنڌ ڪابينا پرائيويٽ  نرسنگ ڪاليج ۾ بي ايس نرسنگ ۾ داخلا پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي، پاليسي موجب سنڌ جي اميدوارن کي اوليت ڏني ويندي، جيڪي سيٽون بچي وينديون انهن تي پوري ملڪ مان اوپن ميرٽ تي داخلا ڏني ويندي .

داخلا لاءِ عورتن لاءِ 15 سيڪڙو، اقليتن کي پنج، ۽ معذورن لاءِ پنج سيڪڙو ڪوٽا رکي وئي آهي. داخلا لاءِ ايف ايس سي 50 سيڪڙو مارڪن جي قابليت رکي وئي آهي

ڪابينا ترڪي جي زلزلي متاثرن لاءِ هڪ لک خيما موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

وڏي وزير جو چوڻ هوته ترڪي جي عوام سنڌ جي ٻوڏ متاثرن لاءِ فوري مدد موڪلي هئي ان ڪري اسان ترڪي جي عوام کي هن مشڪل گهڙي ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here