لاهور ۾ رات 10 وڳي مارڪيٽون ۽ ريسٽورينٽ بند ڪرڻ جو حڪم، جمعي تي اسڪول به بند رهندا

0
107

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ شهر ۾ مارڪيٽون ۽ ريسٽورنٽ رات 10 وڳي بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم هارون فاروق ۽ ٻين پاران ڪوهيڙي جي خاتمي بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران عدالت حڪم ڏنو ته مارڪيٽون رات 10 وڳي بند ڪيون وڃن ۽ جمعي تي اسڪول بند ڪيا وڃن، جمعي تي کليل اسڪول سيل ڪيا وڃن.

عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته تعليم کاتو عدالتي فيصلي تي سختي سان عمل ڪري. عدالت جمعي، ڇنڇر ۽ آچر تي ريسٽورنٽ بند ڪرڻ تي هڪ ڪلاڪ جو رليف ڏيندي چيو ته انهن ٽن ڏينهن تي ريسٽورنٽ رات 11 وڳي بند ڪيا وڃن جڏهن ته آچر تي رات 10 وڳي مارڪيٽون بند نه ڪيون وڃن.

عدالت چيو ته هاڻي انهن حڪمن تي عملدرآمد جي نگراني ڪرڻي پوندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here