پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي پابندي مڙهيل تي ٽي پي سان ڳالهيون اڳتي وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

0
75

پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جو وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اِن ڪئمرا اجلاس، آرمي چيف، ڊي جي آءِ ايس آءِ، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه سميت سياسي، عسڪري ۽ پارلياماني قيادت شريڪ

پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي پابندي مڙهيل تي ٽي پي سان ڳالهيون اڳتي وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ٽي ٽي پي سان ڳالهه ٻولهه جي نگراني لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جي به منظوري، پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جو وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اِن ڪئمرا اجلاس، آرمي چيف، ڊي جي آءِ ايس آءِ، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه سميت سياسي، عسڪري ۽ پارلياماني قيادت شريڪ، عسڪري قيادت طرفان پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهين بابت اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو، پڌرائي موجب عسڪري اختيارين ملڪ جي سڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني، قومي ۽ سڪيورٽي فورسز جي قربانين کي خراج تحسين پيش، آئين تحت طاقت جو استعمال صرف رياست جو اختيار آهي، سڪيورٽي فورسز سبب ملڪ جي سمورن حصن ۾ رياستي عملداري يقيني بڻي، رياست پنهنجي شهيدن جي قربانين جي امين ۽ محافظ آهي ۽ رهندي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here