سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪبريٰ خان سميت 4 اداڪارائن خلاف سوشل ميِڊيا تي مواد بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) ۽ ايف آءِ اي کي مواد بلاڪ ڪرڻ ۽ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي
داخل ڪرايل درخواست ۾ اداڪارا ڪبريٰ خان چيو آهي ته يوٽيوبر من گهڙت الزام لڳائي مون سميت چئني اداڪارائن جو وقار مجروح ڪيو آهي
واضح رهي ته ميجر (ر) عادل راجا پاران سوشل ميڊيا تي جاري هڪ وي لاگ ۾ پاڪستاني ماڊلز ۽ اداڪارائن تي سنگين الزام لڳايا هئا، جڏهن ته ذريعن جي حوالي سان دعوا ڪيو هو ته هڪ اداري وٽ هنن ماڊلز ۽ اداڪارائن جون نازيبا ويڊيوز موجود آهن
عادل راجا پنهنجي وي لاگ ۾ اداڪارائن جي نالا وٺڻ بجاءِ سندن جي نالن جي پهرين اکر ٻڌايا هئا
اداڪارا ڪبريٰ خان چيو ته هڪ ڪوڙي ويڊيو سندس وجود کي نه ٿي مٽائي سگهي، گهڻو ٿي چڪو آهي هو هاڻي خاموش نه ويهندي، الزامن کان اڳ ۾ ثبوت هجڻ لازمي آهي