ٿورو پارو وڌڻ سان گرمين جو دورانيو به وڌي ويندو، ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو

0
112

سيول: ڪوريا جي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن دنيا جو سراسري پاري ۾ رڳو 2 ڊگري سينٽي گريڊ جيتري واڌ ٿي وئي ته ٻين ڪيترن ئي مسئلن سان گڏوگڏ گرمين جي موسم به 3 هفتا ڊگھي ٿي ويندي.
پوهانگ يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي ۾ ماحوليات جي پروفيسر ڊاڪٽر سونگ ڪي من ۽ سندس شاگرد، بوجونگ پارڪ مختلف ماحولياتي ماڊلز ۽ ماحولياتي تبديلين بابت دستياب ڄاڻ استعمال ڪندي هڪ ڪمپيوٽر سيموليشن تيار ڪيو آهي.
ان سيموليشن مان خبر پئي آهي ته جيڪڏهن عالمي پاري ۾ صنعتي انقلاب کان اڳ جي سراسري کان رڳو 2 ڊگري سينٽي گريڊ جيتري واڌ ٿي وئي ته گرمين جي موسم 3 هفتا (21 ڏينهن) وڌي ويندي جنهن جي نتيجي ۾ ٻيا به مسئلا پيدا ٿيندا جن بابت في الحال اسان سوچي به نٿا سگھون.
هن وقت سڄي دنيا ۾ گرمين جي موسم 91 ڏينهن جي هوندي آهي جيڪا عالمي تپش ۾ 2 ڊگري واڌ کان پوءِ 112 ڏينهن جي ٿي ويندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here