هڪ گهر ۾ اٺن زالن سان خوشگوار زندگي گذاريندڙ ٿائيلينڊ جو شهري

0
108

ٿائيلينڊ: ٿائيلينڊ جو هڪ ٽيٽو آرٽسٽ هن وقت سڀني جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي ۽ ان کي اها موٽ ملڻ جو سبب اهو آهي ته هو هڪ نه پر پنهنجي 8 زالن سان هڪ ئي وقت هڪ گهر ۾ خوشي سان زندگي گذاري گذاري رهيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب(اونگ دام سوروت) نالي نوجوان تازو ئي ٿائيلينڊ جي هڪ مشهور ڪاميڊين کي پنهنجي ذاتي زندگي بابت انٽرويو ڏنو. انٽرويو ۾ نوجوان ٻڌايو ته مان هڪ گهر ۾ پنهنجي 8 زالن سان خوشگوار زندگي گذاري رهيو آهيان. يو ٽيوب تي جاري ڪيل انٽرويو ۾ تهائي نوجوان ميزبان سان پنهنجي 8 زالن جو تعارف ڪرائيندي ٻڌايو ته هر زال سان منهنجي پهرين ملاقات ڪٿي ٿي هئي، جڏهن ته 8 زالن پنهنجي مڙس کي دنيا جو سڀني کان وڌيڪ مهربان، سڀني کان وڌيڪ خيال رکندڙ مڙس قرار ڏنو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here