مڪاني چونڊن پولنگ دوران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جهيڙا ۽ چڪريون

0
81

مڪاني چونڊن جو پهريون مرحلو، 14 ضلعن ۾ پولنگ جاري، پولنگ دوران سنڌ جي مختلف شهرين ۾ جهيڙا ۽ چڪريون، جروار جي پولنگ اسٽيشن ابل ڳڙي تي اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ، فائرنگ سبب گاڏين جا شيشا ٽٽي پيا، پولنگ جو عمل به شروع نه ٿي سگهيو، نصيرآباد جي يوسي ڌامراهه ۾ ووٽر لسٽ غائب، آزاد اميدوار پولنگ بند ڪرائي ڇڏي، پولنگ اسٽيشن تي ڇڪتاڻ واري صورتحال پوليس نفري پهچي وئي، نوابشاهه جي مرتضيٰ ڀٽو ڳوٺ جي پولنگ اسٽيشن نمبر 24 تان سامان اڻڄاتل ماڻهو کڻي ويا، ٺل جي پولنگ اسٽيشن گلشير ڪنڊراڻي تي ٻن پارٽين جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو، لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پولنگ روڪرائي وئي، خانپور مهر جي يوسي ولو مهر ۾ پولنگ اسٽيشن تي جهيڙو، 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here