غلط نشانن وارين پولنگ اسٽيشنز تي اليڪشن ڪميشن چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون، ڪيترن ئي پولنگ اسٽيشنز تي اميدوارن جا چونڊ نشان ئي غائب، ڪيترن ئي اميدوارن کي الاٽ ٿيل نشان بدران غلط نشان مليا،احتجاج، پولنگ روڪي وئي، غلط نشانن تي اليڪشن ڪميشن نوٽيس ورتو، قمبر جي وارڊ 3 تي آزاد اميدوار جو چونڊ نشان غائب، پولنگ عمل روڪرايو ويو، قبو سعيد خان جي يوسي بگوديرو ۾ بيلٽ پيپرن ۾ ڦيرڦار جو الزام، ووٽنگ روڪي وئي، اليڪشن ڪمشنر چيو آهي ته جن پولنگ اسٽيشنز تي غلط نشان الاٽ ٿيا آهن، اُتي پولنگ ملتوي ڪئي وئي آهي، جتي چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن اُتي چونڊن جي نئين تاريخ جو اعلان جلد ڪيو ويندو، سبب ڄاڻڻ لاءِ انڪوائري ڪرائي ويندي، جيڪا به رپورٽ سامهون ايندي اُن تي سخت ايڪشن کنيو ويندو