مڙس راج ڪندرا سبب شلپا شيٽي جي ڏکيائين ۾ واڌ

0
142

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشھور اداڪارا شلپا شيٽي پنهنجي مڙس راج ڪندرا خلاف فحش فلمن جي ڪيس ۾ وڌيڪ ڏکيائين جو شڪار ٿي وئي. ممبئي پوليس غير اخلاقي فلمون ٺاهڻ جي ڪيس ۾ اداڪارا شلپا شيٽي جي مڙس راج ڪندرا جي ڪاسٽنگ ڊائريڪٽر سميت 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. ڀارتي ميڊيا موجب ممبئي پوليس جي ڪرائيم برانچ جي اهلڪارن شهر جي مختلف علائقن مان 4 ڄڻن کي فحش فلمن جي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي

گرفتار ٿيلن جي سڃاڻپ نريش رام اوتار پال، سليم سعيد، عبدالسيد ۽ امان برنوال طور ٿي آهي. گرفتار ٿيلن مان هڪ راج ڪندرا جو ڪاسٽنگ ڊائريڪٽر آهي. گرفتار  ٿيلن تي الزام آهي ته اهي ٻه، ٻه هزار رپين عيوض غير اخلاقي فلمن جي شوٽنگ ۾ شامل ٿيا هئا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here