راڻا ثناءُ الله خلاف منشيات برآمدگي ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي ڪارروائي هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي

0
67

گهرو معاملن جي وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله خلاف منشيات برآمدگي ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي ڪارروائي هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ٿي وئي، عدالت ڪيس تي ڪارروائي کانسواءِ ئي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، لاهور ۾ منشيات جي انت واري عدالت راڻا ثناءُ الله خلاف منشيات برآمدگي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، راڻا ثناءُ الله جي وڪيل ٻڌايو ته بجيٽ اجلاس ۾ مصروف هجڻ سبب وفاقي وزير پيش نه ٿو ٿي سگهي، وڪيل پاران حاضري کان ڇوٽ جي درخواست عدالت منظور ڪري ورتي، ڪيس جي ٻڌڻي 23 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here