جهمپير جي کاڻ ۾ دٻجي ويل ٻارڙي سميت 8 پورهيتن جا مڙهه ڪڍيا ويا

0
160

جهمپير جي کاڻ ۾ دٻجي ويل ٻارڙي سميت 8 پورهيتن جا مڙهه ڪڍيا ويا، صوبائي وزير جي سنڌ ڪابينا کي آگاهي، وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس، جهمپير ۾ ڪوئلي جي کاڻ اندر ٿيل جاني نقصان تي ڏک جو اظهار، ڪوئلي جي کاڻ مان 12 ورهين جي نينگر جو مڙهه هٿ اچڻ جي جاچ جو حڪم، رپورٽ طلب، توانائي جي صوبائي وزير امتياز شيخ معاملي تي ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته ڪوئلي جي کاڻ مان 8 لاش ڪڍيا ويا آهن، کاڻ مان هٿ آيل 8 لاشن مان هڪ نينگر جو به آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه سمورن مائنز جي سيفٽي آڊٽ ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، وڏي وزير چيو آهي ته ٻارڙي واري معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي، ٻارڙو مائنز ۾ ڪم ڪري رهيو هو ته چائلڊ ليبر جي ڀڃڪڙي آهي، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here