ملڪ ڇڏڻ نه پر هٿيارن جي ضرورت آهي، يوڪريني صدرجو آمريڪا کي جواب

0
116

ڪراچي (م ڊ) يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي ملڪ ڇڏڻ واري آمريڪا جي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو آهي

آمريڪي ميڊيا هڪ انٽيليجنس اهلڪار جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته آمريڪي حڪومت صدر ولاديمير زيلنسڪي کي ڪيف ڇڏڻ ۾ مدد ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي

ميڊيا رپورٽن موجب يوڪرين جي صدر آمريڪي آڇ جو جواب ڏيندي چيو ته کيس ڪيف کان اڏام نه پر اينٽي ٽينڪ هٿيارن جي ضرورت آهي

ان کان اڳ يوڪرين جي صدر جي فوجي ۽ سياسي قيادت سان گڏ  هڪ وڊيو منظر عام تي آئي هئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته هو يوڪرين ۾ آهي ۽ آخري دم تائين آزادي جو دفاع ڪندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here