ايوان کان ٻاهر رهي پي ٽي آءِ پنهنجي لاءِ وڌيڪ ڏکيائيون پيدا ڪندي: پرويز الاهي

0
114

تحريڪ انصاف جي اتحادي ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي پي ٽي آءِ قيادت کي پارليامينٽ ۾ واپس اچڻ جي صلاح ڏني آهي.تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي ۽ پنجاب اسيمبلي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي  وئي آهي.ملاقات ۾ پرويز الاهي پي ٽي آءِ کي قومي اسيمبلي مان استعيفائن جي فيصلي تي نظرثاني جي صلاح ڏني.هن چيو ته پي ٽي آءِ کي پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر ڀرپور اپوزيشن ڪرڻ گهرجي، ايوان کان ٻاهر رهي پي ٽي آءِ پنهنجي لاءِ وڌيڪ ڏکيائيون پيدا ڪندي.شاهه محمود قريشي، پرويز الاهي کي خاطري ڪرائي ته سندس تجويز عمران خان آڏو رکندس.پرويز الاهي، شاهه محمود قريشي کي پنجاب ۾ 20 تڪن تي ننڍي چونڊ ۾ سهڪار جي خاطري ڪرائي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here