سنڌ حڪومت جي نئين مالي سال 23_2022 جي بجيٽ سڀاڻي پيش ڪئي ويندي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جو امڪان آهي.وڏو وزير سيد مرادعلي شاهه سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ بجيٽ پيش ڪندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين مالي سال جي بجيٽ جو حجم 16 سئو ارب روپين کان وڌيڪ هوندو.ذريعن موجب بجيٽ تجويزن ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو اضافي جي تجويز ڏني ويندي، حڪومت گريڊ هڪ کان پنجين گريڊ جي ملازمن جي اسڪيل تي نظرثاني واري تجويز تي به غور ڪندي .سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ اضافي جي قطعي منظوري ڪابينا اجلاس ۾ ڏيڻ بعد بجيٽ تجويز ۾ شامل ڪئي ويندي.ترقياتي ۽ غير ترقياتي بجيٽ ۾ 130 ارب روپين جي تجويز ڏني ويندي، ترقياتي بجيٽ 222 اربن مان وڌائي 260 ارب روپيا رکڻ جو امڪان آهي.بجيٽ ۾ 200 اسڪول اپ گريڊ ڪرڻ ۽ هر ڊويزن ۾ سائينس ميوزيم قائم ڪرڻ جي به تجويز ڏني ويندي، ضلعي اي ڊي پي لاءِ 32 ارب روپيا پڻ رکيا ويندا.