دنيا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ مداخلت نه ڪري:عمران خان

0
114

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته دنيا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ مداخلت نه ڪري، هو ملڪ ۾ چونڊ چاهين ٿا عوام کي فيصلو ڪرڻ ڏنو وڃي.برطانوي ٽي کي وي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته کيس 22 ڪروڙ عوام چونڊيو هو، سندس ذميواري رڳو پنهنجو ملڪ هو، عوام کيس دنيا جون غلطيون سڌارڻ لاءِ نه چونڊيو هو.هن چيو ته عراق، افعانستان يا يوڪرين هو سمورن فوجي آپريشنز خلاف آهي، چين، روس ۽ آمريڪا سان لاڳاپن ۾ سندس ماڻهن جو فائدو هو.عمران خان چيو ته هو نٿو چاهي ته اسلام آباد ۾ ماڻهو گڏ ڪري ٻيهر اقتدار ۾ اچي، نئين آيل حڪومت ۾ آمريڪا 60 سيڪڙو ملوث آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته سندس دور ۾ رڪارڊ پيسو پاڪستان آيو، رڪارڊ فصل ٿيا ۽ گروٿ ريٽ 6 سيڪڙو رهيو.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ۾ رڪارڊ اوڳاڙي ٿي، پاڪستان ڪورونا دوران 5 بهترين ملڪن ۾ شامل رهيو، بهترين پاليسي ذريعي ڪورونا تي ضابطو آندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here