سنڌ حڪومت عوام کي ايمرجنسي سروس ڏيڻ وارو واعدو پورو ڪري ڇڏيو:مرتضيٰ وهاب

0
112

سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ حڪومت عوام کي ايمرجنسي سروس ڏيڻ وارو واعدو پورو ڪري ڇڏيو.هن چيو آهي ته ايمرجنسي سروس منصوبي ۾ عالمي بينڪ بهترين ساٿ ڏنو آهي.جاري ڪيل بيان ۾ مرتضيٰ وهاب چيو ته پهرين مرحلي ۾ 50 ايمبولينسون ڏنيون وينديون.هن چيو ته منصوبو بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير جي هدايت تي شروع ڪيو ويو آهي.سندس چوڻ هو ته منصوبي ۾ فائربرگيڊ جون گاڏيون به شامل هونديون

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here