حڪومت پاران سڀاڻي کان ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽائي ساڍا 3 ڪلاڪ ڪرڻ جو اعلان، بجلي تي بحران تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، لوڊشيڊنگ سڀاڻي کان گهٽائي ساڍن ٽن ڪلاڪن تائين آندي ويندي، ايندڙ مهيني جي شروعات کان لوڊشيڊنگ ٻن ڪلاڪ تائين ڪئي ويندي، مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي جي وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس، سندس چوڻ آهي ته ملڪ ۾ بجلي جي طلب 32 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ آهي، ملڪ ۾ موجود وسيلن کان 18 هزار ميگاواٽ بجلي ٺهي سگهي ٿي، اڳوڻي حڪومت بجلي جو ڪو پلانٽ نه لڳايو