سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاھ ڪراچي جي ايڪسپو سينٽر پهچي 17 هين مائي ڪراچي نمائش جو افتتاح ڪري ڇڏيو.وڏي وزير مراد علي شاهه نمائش ۾ لڳايل اسٽالن جو به معائنو ڪيو.ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪمشنرن کي هدايتون ڏيندي چيو ته هيٽ ويو دوران صوبي جي ننڊن وڏن شهرن ۾ ٿڌي پاڻي جا انتظام بهتر ڪيا وڃن.وڏي وزير ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو کي هٿرادو لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي. ان موقع تي وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزير سردار شاھ، اسماعيل راهو ۽ ڄام اڪرام الله ڌاريجو سميت موجود هئا.