آمريڪا جو يوڪرين کي جديد ميزائل سسٽم ڏيڻ جو فيصلو، روس جو ردعمل

0
117

روسي اختيارين جو چوڻ آهي ته آمريڪا پاران يوڪرين کي پيٽرياٽ ميزائل سسٽم ڏيڻ سان نه تڪرار حل ٿيندو نه روس کي ڪير پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ کان روڪي سگهي ٿو

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس مطابق روسي صدارتي محل ڪريملن جي ترجمان ديتمري پيسڪوف چيو آهي ته آمريڪا پاران يوڪرين کي پيٽرياٽ ميزائل سسٽم جي فراهمي سان روس کي پنهنجن مقصدن جي حاصلات کان ڪير به روڪي نه ٿو سگهي

روسي صدارتي محمل جي ترجمان چيو ته آمريڪا پاران يوڪرين کي پيٽرياٽ سستم ڏيڻ تڪرار کي حل ڪرڻ بدران وڌائڻ آهي

ڪريملن جي ترجمان چيو ته يوڪريني صدر جي آمريڪي دوري ۾ امن امان ۽ ڳالهين بابت ڪوبه اشارو نه مليو آهي  ان مان ظاهر آهي ته آمريڪا روس خلاف پراڪسي وار ۾ ملوث آهي

واضح رهي ته گذريل ڏينهن يوڪريني صدر زيلنسڪي جي آمريڪي دوري جي موقعي تي يوڪرين جي لاءِ  هڪ ارب 85 ڪروِڙ ڊالرز امدا جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ آمريڪي جديد ترين پيٽرياٽ فضائي دفاعي نظام به شامل آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here