رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جو قدر وڌڻ جو سلسلو جاري

0
117

رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جو قدر وڌڻ جو سلسلو اڄ به جاري رهيو، انٽر بئنڪ مٽاسٽا مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ وڌيڪ هڪ رپيو 66 پئسا واڌ ٿي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي هڪ ڊالر 194 رپيا 18 پئسا ٿي ويو آهي.ان کانسواءِ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ رپيو 80 پئسا مهانگو ٿي 196 رپيا 50 پئسا ٿي ويو آهي.واضح رهي ته گذريل ڪجهه هفتن کان ملڪ ۾ غيريقيني سياسي صورتحال سبب رپئي جي قدر ڪِرڻ ۽ ڊالر جو مُلهه وڌڻ جو سلسلو جاري آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here