خيبر پختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

0
126

خيبر پختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي گورنر هائوس جي ترجمان شاهه فرمان جي مستعفي ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته گورنر خيبرپختونخواهه پنهنجي استعيفيٰ  صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي کي اماڻي ڇڏي آهي شاهه فرمان خيبر پختونخواهه جو 32هون گورنر آهي ۽ هن 5 سيپٽمبر 2018 تي خيبر پختونخواهه جي گورنر طور حلف کنيو هو شاهه فرمان 1995 کان پي ٽي آءِ سان گڏ واڳيل آهي، هو پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي ٻه ڀيرا صوبائي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو، جڏهن ته 2013 کان 2018 تائين صوبائي وزير به رهيو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here