ڊگهڙي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل علامه راشد محمود سومرو چيو ته عمران خان سندس دور ۾ 75 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ قرض کڻي اسٽيٽ بينڪ کي گروي رکيو ۽ آئي ايم ايف سان معاهده ڪري معاشي طور ملڪ کي ڪمزور ڪيو.
هن چيو ته جي يو آئي گذريل ڊگهي عرصي کان عمران خان خلاف ميدان عمل ۾ هئي، عمران خان اسلام دشمن، ڪافرن ۽ يهودين جو ايجنٽ ثابت ٿيو آهي، هُو رياست مدينه جو نالو وٺي عملي طور رياست اسرائيل تي ڪم ڪري رهيو هو.
راشد محمود سومرو وڌيڪ چيو ته جي يو آئي جو لانگ مارچ مهانگائي نه پر عمران فتني جي خلاف هو، عمران نيازي کي اقتدار کان نه لاهيون ها ته اڄ شايد ملڪ به سلامت نه هجي ها. راشد محمود سومرو ته عمران خان پنهنجي مختصر دور حڪومت ۾ 25 هزار ارب رپين جو قرض کڻي ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي، آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدن جي ڪري ئي ڊالر پيٽرول ۽ ٻين شين جي اگهن ۾ واڌ آئي آهي، جنهن جو ذميوار عمران خان آهي