ڪراچي ۾ گرمي جي شدت ۾ اضافي جو امڪان، 26 اپريل کان پهرين مئي تائين گرمي ۾ واڌ ٿيندي

0
121

ڪراچي ۾ گرمي جي شدت ۾ اضافي جو امڪان آهي، 26 اپريل کان پهرين مئي تي پارو 38 کان 39 سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز احمد چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڏينهن جي وقت هوائن جي رفتار گهٽ رهندي، ڏينهن جو اڪثر ڪري اولهه ۽ اتر جو هوائون گهلنديون.هن چيو سڀاڻي کان ملڪ جي مختلف حصن ۾ گرمي جي شدت وڌڻ جو امڪان آهي، مٿانهين سطح تي هوا جو دٻاءُ وڌي رهيو آهي، حيدرآباد ۽ نوابشاهه ۾ گرمي پد 44 کان 46 سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته جيڪب آباد، بهاولپور ۽ خانپور ۾ 50 سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here