اسلام آباد: پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري وزيراعظم شهباز شريف سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن موجوده سياسي صورتحال ۽ پي ٽي آءِ جي حمايت يافته وڏي وزير پرويزالاهي کي ايوان مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ ۾ ناڪام بڻائڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون.
گذريل ڏينهن چوڌري شجاعت حسين جي پٽ سالڪ حسين آصف زرداري سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن ۾ هن پنهنجي والد جو خصوصي پيغام پهچايو هو.
ٻئي طرف پرويز الاهي گورنر پنجاب طرفان وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ واري معاملي تي ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب سميت قانوني ماهرن جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.
ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اتحادي پارٽين جا اڳواڻ به شريڪ ٿيا. عمران خان جي جنرل باجوه بابت بيان ۽ پرويز الاهي جي انٽرويو کانپوءِ پنجاب جي سياسي صورتحال مڪمل طور تبديل ٿي وئي آهي.
ذريعن موجب اڳوڻي صدر آصف زرداري پرويز الاهي جي تازي انٽرويو جي پسمنظر ۾ شهباز شريف کي انتظار ڪريو ۽ ڏسو جي پاليسي اختيار ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.