حڪومت مريم نواز کي وي آءِ پي سيڪيورٽي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

0
251

حڪومت، مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز کي وي آءِ پي سيڪيورٽي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب گهرو وزارت ۾ ٿريٽ اسسمينٽ ڪاميٽي جي سفارش تي مريم نواز کي سڪيورٽي ڏيڻ جي منظوري ڏئي وئي، مريم نواز کي پوليس سان گڏ رينجرز اهلڪارن جي به سڪيورٽي ڏني ويندي، اسلام آباد ۾ مريم نواز کي هڪ ئي وقت وفاقي پوليس ۽ رينجرز جي سڪيورٽي حاصل هوندي، مريم نواز جي رهائش گاهن کي به سڪيورٽي ڏني ويندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here