پي سي بي چيئرمين رميز راجا کي تبديل ڪرڻ جو امڪان، نجم سيٺي اميدوار

0
87

اسلام آباد: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين زميز راجا کي تبديل ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب نجم سيٺي پي سي بي جي نئين چيئرمين لاءِ مضبوط اميدوار آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نجم سيٺي لاهور ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، شهبازشريف نجم سيٺي ئي پي سي بي چيئرمين بڻائڻ جو اشارو ڏنو.

ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف نجم سيٺي کي پي سي بي جو 2014ع جو آئين بحال ڪرڻ جو چيو آهي، پي سي بي جو 2014ع جو آئين بحال ٿيڻ بعد ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ بحال ڪئي ويندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪريٽري آءِ پي سي چيئرمين پي سي بي جي تبديلي جي سمري وزيراعظم هائوس ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي، وزيراعظم ڪنهن به وقت پي سي بي آئين 2014ع جي بحالي جو حڪم ڏئي سگهي ٿو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here