چيني ڪمپني جي چيئرمين مينگ ڍونگ آءِ چيف سيڪريٽري نالي خط لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته چوري جي وارداتن ۾ مقامي نوجوان ملوث آهن، جڏهن ته قيمتي اسٽيل، اليڪٽرڪ ڪيبل ۽ ٻيو سامان چوري ڪندڙن کي پوليس وٽان ڇڏرايو ويندو آهي
چيني ڪمپني جي چيئرمين چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به بجلي سپلاءِ جي ٽرانسمينٽ لائن کي نقصان پهچايو ويو
خط ۾ چيف سيڪريٽري کي ٿرڪول بلاڪ ون جي ڪنڊيدار تار کان ٻه ڪلو ميٽر فاصلي تائين اڻ لاڳاپيل ماڻهن جي اچ وڃ تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي گذارش ڪئي وئي آهي چيني ڪمپني جي چيئرمين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن چورين جو سلسلو جاري رهيو ته گهربل نتيجا حاصل نه ٿي سگهندا