سڄي ملڪ ۾ عيد الفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي، فيصل مسجد اسلام آباد، بادشاهي مسجد لاهور، ميمڻ مسجد ڪراچيءَ سميت ٻين شهرن جي مسجدن ۽ عيدگاهن ۾ عيد نماز جا وڏا ميڙاڪا، اهم هنڌن تي سيڪيورٽيءَ جا سخت انتظام، عالمن ۽ خطيبن طرفان عيد الفطر جي اهميت تي روشني وڌي وئي، سماج جي بهتريءَ لاءِ پنهنجو رويو سڌارڻ ۽ پنهنجن سان سٺي نموني پيش اچڻ تي زور ڏنو ويو