آءِ سي سي پاران رانديگرن جي نئين ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ جاري

0
95

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) رانديگرن جي نئين ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي
قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي ون ڊي ۾ پهرين پوزيشن برقرار آهي پر هو ٽي ٽوئنٽي مان ٽئين کان چوٿين نمبر تي هليو ويو آهي
آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ بابر اعظم جو پهريون، امام الحق جو ٻيو، ڏکڻ آفريقا جي رسي وين ڊر ڊاوسن جو ٽيون نمبر آهي

بالرن ۾ ٽرينٽ بولٽ پهرين، جوش هيزل ووڊ ٻي ۽ مجيب الرحمان ٽين پوزيشن تي آهن، ان فهرست ۾ پاڪستان جو شاهين آفريدي پنجين نمبر تي آهي

ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ ڀارت جو سوريا ڪمار يادو پهرئين نمبر تي آهي، جڏهن ته محمد رضوان ٻئي، ڊيون ڪونوي ٽئين ۽ بابر اعظم چوٿين نمبر تي آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here