خيبرپختونخواهه جي حڪومت وفاق کي سڪيورٽي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته وفاقي گهرو وزير اسلام آباد لاءِ سڪيورٽي گهري رهيو آهي، اسلام آباد ۾ ڪهڙا دهشتگرد اچي رهيا آهن جنهن لاءِ سڪيورٽي طلب ڪئي پئي وڃي، صوبائي وزير موجب، سڪيورٽي صوبي لاءِ آهي، وفاق کي نه ڏني ويندي، خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي جا واقعا ٿي رهيا آهن، سڪيورٽي جي وڌيڪ ضرورت هتي آهي