مڪاني چونڊن کان ڀڄون نه پيا، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اڪثريت سان کٽينداسين: سعيد غني

0
84

ڪراچي:صوبائي وزير سعيد غني چيو آھي ته ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته پيپلز پارٽي مڪاني چونڊن کان ڀڄڻ چاهي ٿي، چئن ڊويزنز ۾ پ پ ڪلين سوئيپ ڪيو آهي، يقين آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ به وڏي اڪثريت سان کٽينداسين. صوبائي وزير سعيد غني سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن 15 جنوري تي چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ ڏني آهي، اُميد ته چونڊون ٿي وينديون. سعيد غني جو چوڻ ھو ته سنڌ ۾ پي ٽي آءِ وٽ اميدوار ئي ناهن، سندن جيڪا حالت آهي، اُها نظر اچي پئي، فوج جو سياست کان پري رهڻ واري فيصلي جي آجيان ڪيون ٿا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here