مسجد نبوي جو واقعو عمران خان جي حڪم تي رٿيو ويو: وزير مريم اورنگزيب

0
113

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته مسجد نبوي جو واقعو عمران خان جي حڪم تي رٿيو ويو، اتي ماڻهن کي اشارن ۽ اڪسايو ويو، پي ٽي آءِ چيئرمين وزيراعظم هائوس مان بم پروف گاڏي به ڪاهي ويو، پهريون ڀيرو سعودي عرب سان اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ لاءِ روانو ٿي ويو.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستاني عوام کي سچ ٻڌائڻ سندن ذميواري آهي، راڻا ثناءُ الله خلاف ڪرپشن جو ڪو به ڪيس ناهي، کين حڪومت ڇڏي اڍائي هفتا ٿيا آهن، رڙيون ڇو پيا ڪن؟ هنن ملڪ کي مهانگائي، لوڊشيڊنگ ۽ بيروزگاري ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي.هن چيو ته عمران خان واحد وزيراعظم هو جنهن خزاني جا تحفا وڪڻي ڇڏيا، اڃا اوهان کي توشا خانا جي تحفن جو حساب ڏيڻو آهي، جيڪي ڊڪليئر نه آهن.مريم اورنگزيب چيو ته 4 سالن کان مخالفن خلاف انتقامي ڪارروايون ڪيون ويون، انتقامي ڪاررواين ۾ قوم جا 4 سال ضايع ڪيا ويا، عوام کي بي رحميءَ سان لٽيو ويو.هن چيو ته عوام نااهل ۽ ڪرپٽ ٽولي کي پارليامينٽ مان ڪڍي ڇڏيو، عمران خان جي سموري سياست ڪوڙ تي ٻڌل آهي، انهن سمورن ادارن کي اپوزيشن خلاف استعمال ڪيو، نيب، ايف آءِ اي کي استعمال ڪيو ويو، ڪرپشن جو ڪو به پتو نه پيو.سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري جو سبب عمران خان آهي، اين سي اي کي رڪارڊ موڪليو پر هڪ به ڪرپشن ثابت نه ٿي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here