ڪراچي ۾ عيدالفطر کان اڳ ئي اي ٽي ايمز خالي ٿيڻ شروع ٿي ويا، جنهن سبب شهري سخت پريشاني جو شڪار آهن.ذريعن موجب ڪراچي جي اڪثر هنڌن تي اي ٽي ايمز مان ڪيش ختم ٿيڻ جون شڪايتون سامهون اچڻ شروع ٿي ويون آهن.اي ٽي ايمز تي پئسا ڪڍڻ لاءِ رش آهي جتي پئسا موجود آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه هنڌن تي بئنڪ عملو اي ٽي ايمز ۾ پئسا لوڊ ڪري رهيو آهي.عيد جي 5 ڏينهن جي موڪلن ۾ اي ٽي ايم ۾ ڪيش هوندا يا نه؟ ان حوالي سان شهري پڻ پريشان آهن