سيوهڻ سانحي جي وڌيڪ زخمي نينگري فوت، فوتين جو انگ 21 ٿي ويو

0
66

سيوهڻ سانحي ۾ زخمي ٿيل هڪ وڌيڪ نينگري زندگيءَ جي جنگ هارائي وئي، جيءُ جهوريندڙ حادثي ۾ حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 21 ٿي ويو.

سيوهڻ اسپتال ۾ علاج هيٺ 15 ورهين جي پوپري دم ڌڻي حوالي ڪيو، گذريل ڏينهن خيرپور جي ڳوٺ دائود ڦلپوٽو ۾ وين حادثي جي 20 فوتين جا مڙهه لڙڪن، سڏڪن، آهن ۽ دانهن سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا هئا، جڏهن ته وڌيڪ هڪ نينگر جي موت جي اطلاع تي ڳوٺ ۾ سوڳ جي فضا ويتر گهري ٿي وئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here