پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي ۽ ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري وچ ۾ ڇڪتاڻ چوٽ چڙهيل آهي

0
110

اسپيڪر پنجاب اسيمبلي ڊپٽي اسپيڪر جي اسٽاف کي معطل ڪري ڇڏيو. اسيمبلي سيڪريٽريٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي 2 اسسٽنٽ پروٽوڪول آفيسرز ۽ هڪ اسٽاف آفيسر کي معطل ڪري ڇڏيو.ذريعن موجب محمد شاهد، عظيم بٽ ۽ محمد امان خالد وائين کي معطل ڪيو ويو، اسپيڪر ٽنهي آفيسرن خلاف جاچ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ دوران اسپيڪر کي آفيسرن بابت خدشا هئا، جنهن تي ڪارروائي ڪئي وئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here